Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح، جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؛ ۽ امورين جا ٻہ بادشاهہ، سيحون ۽ عوج، جي يردن جي هن ڀر هئا، تن سان اوهان ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن انهن کي تباهہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اسان ٻڌو آهي تہ جڏهن اوهين مصر مان ٿي نڪتا، تڏهن ڪهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي لاءِ ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو هو. اسان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اوهان اردن درياءَ جي اوڀر طرف امورين جي ٻن بادشاهن، سيحون ۽ عوج جون ڪيئن پاڙون پٽي ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.


پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:


خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.


خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.


پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.


۽ مون اوهان جي اڳيان چيلاٽو موڪليو، جنهن هنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، يعني امورين جي ٻنهي بادشاهن کي، نہ اوهان جي ترار سان، نڪي اوهان جي ڪمان سان.


انهي لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند جو هٿ طاقت وارو آهي: ۽ اُهي خداوند اوهان جي خدا کان هميشہ ڊڄندا رهن.


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ