Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو.


۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.


۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:


۽ هنن يردن جي ڀرسان بيت يسيموت کان وٺي، ابيل سطيم تائين موآب جي ميدان ۾ تنبو کوڙيا.


۽ سلمون مان راحاب جي پيٽان بوعز پيدا ٿيو: ۽ بوعز مان روٿ جي پيٽان عوبيد پيدا ٿيو: ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو:


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.


ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟


جيڪو تنهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪندو، ۽ جيڪي ڳالهيون تون فرمائيندين سي نہ ٻڌندو، سو کڻي ڪير بہ هوندو، تہ انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏبو: رڳو مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار.


۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.


خلقت، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.


پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.


۽ يوسف جي گهراڻي ڪي جاسوس موڪليا تہ بيت ايل ڏسي اچن: (هاڻي انهي شهر جو نالو اڳي لوز هو).


تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ ڏسڻ لاءِ جاسوس ٿي ويا هئا، تن پنهنجي ڀائرن کي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ هنن گهرن ۾ هڪڙو افود ۽ ترافيم، ۽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي خيال ڪريو تہ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.


۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو.


۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ