Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 19:51 - Sindhi Bible

51 هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 19:51
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.


سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


هن چين تہ مون وارو پيالو بيشڪ اوهين پيئندا، پر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجي اختيار ۾ نہ آهي، پر اُهو انهن ئي جي لاءِ آهي جن لاءِ منهنجي پيءُ اُهو تيار ڪيو آهي.


انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:


جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.


۽ خداوند يشوع کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تڏهن هنن چيو تہ ڏسو، سال بسال سيلا ۾ خداوند جي عيد ٿي ٿئي، جو بيت ايل جي اُتر ڏانهن جيڪو شاهي رستو بيت ايل کان سڪم ڏانهن ٿو وڃي، تنهن جي اُڀرندي پاسي ۽ لبونہ جي ڏکڻ ڏانهن آهي.


۽ چتائي ڏسو تہ جيڪڏهن سيلا جون ڇوڪريون ناچن ۾ نچڻ لاءِ نڪري اچن، تہ اوهين ڊاک جي منهہ مان نڪري اچجو، ۽ اوهان مان هرڪو انهن سيلا جي ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي لاءِ زال ڪري کڻي؛ ۽ پوءِ اوهين بنيمين جي ملڪ ۾ وڃي نڪرجو.


۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ