هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو.
۽ بني دان جي سرحد انهن کان پري هلي ويئي، ڇالاءِ جو بني دان وڃي لشم سان وڙهيا ۽ اهو ورتائون، ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماري قبضو ڪيائون، ۽ انهيءَ ۾ رهيا؛ ۽ لشم کي پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، دان سڏيائون.