40 ستين ڪڻي وارو حصو بني دان جو نڪتو، سندن قبيلن موجب.
40 ستون ڪُڻو بني دان قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو.
۽ راخل جي ٻانهيءَ بلهاہ جا پٽ هئا: دان ۽ نفتالي.
هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو.
انهي هوندي بہ پُکا وجهي زمين ورهائجي: انهن کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب ورثو ملي.
انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.
اهو آهي بني نفتاليءَ جي فرقي جو ورثو سندن قبيلن موجب، يعني اهي شهر سندن ڳوٺن سميت.
۽ انهن جي موروثي حصي جي سرحد هئي صرعاہ، ۽ استال، عيرشمس؛
انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: ۽ دان جو فرقو انهي ڳولا ۾ هو تہ پنهنجي لاءِ ڪا ميراث هٿ ڪري ۽ هو اُتي رهن؛ ڇالاءِ جو اُنهي ڏينهن تائين هنن کي اسرائيل جي فرقن مان ڪو ورثو نہ مليو هو.