پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا.
نفتاليءَ بيت شمس جي رهاڪن، ۽ بيت عنات جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر هو انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين ۾ رهندو آيو: انهيءَ هوندي بہ بيت شمس، ۽ بيت عنات جا ماڻهو سندس ڍل ڀريندڙ ٿيا.