انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.
۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.
۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟