Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 19:28 - Sindhi Bible

28 ۽ عبرون، ۽ رحوب، ۽ حمون، ۽ قاناہ، ۽ وڏي صيدا تائين ويئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 عبرون، رحوب، حمون، قاناہ جي برساتي نهر ۽ وڏي صيدا تائين ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 19:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.


پوءِ هو جلعاد ۾ ۽ تحتيم‑حدسيءَ جي زمين ۾ آيا؛ ۽ هو دان‑يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ۾ آيا.


۽ صور جي قلعي ۾ ۽ حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا: ۽ هو نڪري يهوداہ جي ڏکڻ ڏي بيرسبع وٽ آيا.


۽ هن چيو تہ اي صيدا جي مظلوم ڪنواري ڌيءَ، تون وري اڳتي خوش نہ رهندينءَ: اُٿ، لنگهي ڪتيم ڏي وڃ؛ پر اتي بہ توکي آرام نہ ملندو.


اي ٻيٽ جا رهندڙ، جنهن کي صيدا جي سوداگرن، جي سمنڊ پار لنگهي وڃن ٿا، تن ڀري ڇڏيو آهي، ماٺ ڪري ويهو.


اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.


اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي:


هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.


پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو.


۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


خلقت، ٻهراڙيءَ سميت، ۽ رحوب، ٻهراڙيءَ سميت؛ چار شهر.


آشر، عڪو جي رهاڪن، ۽ صيدا جي رهاڪن، ۽ احلاب جي، ۽ اڪزيب جي ۽ حلبہ جي، ۽ افيق، ۽ رحوب جي رهاڪن کي بہ هڪالي نہ ڪڍيو.


۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو اُهو صيدا کان پري هو، ۽ انهن جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هو؛ ۽ اُهو بيت رحوب جي پاسي واريءَ واديءَ ۾ هو، ۽ هنن اُهو شهر ٻڌو، ۽ منجهس رهڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ