تنهنڪري هاڻي ماڻهو موڪلي سڀ اسرائيلي ڪرمل جبل تي مون وٽ گڏ ڪرائي ڏي، ۽ بعل جي ساڍن چئن سوَن نبين کي، ۽ يسيرت جي چئن سوَن نبين کي بہ، جي ايزبل جي دسترخاني تي ماني ٿا کائن.
هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.
تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس.