۽ بادشاهہ يورام کي جيڪي زخم رامہ ۾ ارامين جي هٿان رسيا هئا، جڏهن هن حزائيل ارامين جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي هئي، تن جي ڇُٽائڻ لاءِ هو موٽي يزرعيل ۾ آيو. ۽ يهوداہ جو بادشاهہ اخزياہ بن يهورام، يورام بن اخي آب کي يزرعيل ۾ ڏسڻ ويو، جو هو بيمار هو.
پر بادشاهہ يورام موٽي يزرعيل ۾ ويو هو تہ جيڪي زخم هن کي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان وڙهندي ارامين جي هٿان رسيا هئا، تن جو علاج ڪري؛) ۽ ياهوءَ چيو تہ جيڪڏهن اوهان جي دل جي مراد اها آهي تہ تڏهن ڪوبہ هن شهر مان ڀڄي نڪري نہ وڃي، جو وڃي يزرعيل ۾ اها خبر رسائي.