Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:8 - Sindhi Bible

8 تنهن تي اُهي ماڻهو اُٿي هليا: ۽ يشوع انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ انهيءَ ملڪ مان گهمندا وڃو، ۽ اُهو بيان لکي پوءِ مون وٽ اچو تہ آءٌ هتي سيلا ۾ خداوند جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن اُهي ماڻهو اُٿي روانا ٿيڻ لڳا ۽ يشوع کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ ملڪ جي جائزو وٺي اُهو بيان لکو. پوءِ مون وٽ موٽي اچو تہ آءٌ هتي سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اٿي هن زمين جي ڊيگهہ ۽ ويڪر گهمي ڏس، ڇو تہ اِها آءٌ توکي ڏيندس.


۽ هن انهن جي لاءِ ڪڻو وڌو آهي، ۽ هن جي هٿ انهيءَ کي سندن لاءِ ڏوريءَ سان ورهايو آهي، اهي هميشہ لاءِ انهيءَ جا مالڪ ٿيندا، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ رهندا.


تنهنڪري اچو تہ جن ڳالهين مان صلح پيدا ٿئي تن ڳالهين جا طالب ٿيون، تہ هڪ ٻئي کي سڌاري سگهون.


تنهنڪري هاڻي اها زمين تون اُنهن نوَن فرقن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي ورثي ۾ ورهائي ڏي.


انهي طرح بني يهوداہ جي فرقي جو سندن قبيلن موجب ڪڻن پيري اهو حصو هو: جو ڏکڻ ڏانهن صين جي بيابان ادوم جي سرحد تائين هو، جو ڏکڻ جي ڪناري جي تمام پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو آهي.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.


تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


انهيءَ موجب اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ انهيءَ ملڪ مان لنگهي انهيءَ جي شهرن موجب ست ڀاڱا ڪري هڪڙي ڪتاب ۾ بيان ڪيائون، ۽ موٽي سيلا واريءَ منزلگاهہ تي يشوع وٽ آيا.


تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ