Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:7 - Sindhi Bible

7 پر لاوين جو اوهان سان گڏ حصو ڪونهي؛ ڇالاءِ جو خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي: ۽ جد، ۽ روبن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي پنهنجو ورثو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏانهن ملي ويو آهي، جو خداوند جي ٻانهي، موسيٰ هنن کي ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ هنن جي زمين ۾ تو کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، نڪي هنن ۾ تنهنجو ڪو حصو ٿيندو: بني اسرائيل ۾ تنهنجو حصو ۽ تنهنجو ورثو آءٌ آهيان.


پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)


انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.


پر لاوي جي فرقي کي موسيٰ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو: خداوند، اسرائيل جو خدا، انهن جو ورثو آهي، جيئن هن انهن کي فرمايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ