Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:4 - Sindhi Bible

4 اوهين پنهنجي هرهڪ فرقي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊيو: ۽ آءٌ انهن کي موڪليندس ۽ اُهي انهيءَ ملڪ مان لنگهندا، ۽ پنهنجي ورثي موجب انهيءَ جو بيان لکي پوءِ مون وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هر هڪ قبيلي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊي ڏيو. آءٌ انهن کي موڪليندس تہ وڃي پنهنجي ورثي کي مدنظر رکي ملڪ جو جائزو وٺن، انهيءَ جو بيان لکن ۽ پوءِ مون وٽ واپس اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي.


هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.


تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.


۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ جيڪا زمين خداوند اوهان جن ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ڍرائي ڪندا؟


۽ اُهي انهيءَ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائيندا: يهوداہ پنهنجي سرحد ۾ ڏکڻ ۾ رهندو، ۽ يوسف جو گهراڻو اُتر ۾ پنهنجين حدن اندر رهندو.


تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


انهيءَ موجب اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ انهيءَ ملڪ مان لنگهي انهيءَ جي شهرن موجب ست ڀاڱا ڪري هڪڙي ڪتاب ۾ بيان ڪيائون، ۽ موٽي سيلا واريءَ منزلگاهہ تي يشوع وٽ آيا.


تنهنڪري هاڻي اوهين اسرائيل جي فرقن مان ٻارهن ماڻهو کڻو، هر ڪنهن فرقي مان هڪڙو ماڻهو.


قوم منجهان ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍ، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ