Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:3 - Sindhi Bible

3 ۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ جيڪا زمين خداوند اوهان جن ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ڍرائي ڪندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو يشوع انهن کي چيو تہ ”جيڪا زمين خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ترسيا ويٺا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڍري هٿ سان ڪم ڪري ٿو سو ڪنگال ٿئي ٿو: پر محنتيءَ جو هٿ مالدار ڪري ٿو.


سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


انهي ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ تون نہ ڊڄ، ۽ صيون کي تہ تون پنهنجا هٿ ڍرا ٿيڻ نہ ڏي.


پوءِ جڏهن سج لهڻ ۾ ڪلاڪ کن باقي هو، تڏهن ٻاهر ويو، ۽ ڏٺائين تہ ٻيا بہ بيٺا آهن، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي سڄو ڏينهن ڇو نڪما ٿيا بيٺا آهيو؟


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


۽ بني اسرائيل ۾ باقي ست فرقا وڃي رهيا، جن کي پنهنجو ورثو ڪونہ مليو هو.


اوهين پنهنجي هرهڪ فرقي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊيو: ۽ آءٌ انهن کي موڪليندس ۽ اُهي انهيءَ ملڪ مان لنگهندا، ۽ پنهنجي ورثي موجب انهيءَ جو بيان لکي پوءِ مون وٽ ايندا.


تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي هنن جو مقابلو ڪريون: ڇالاءِ جو اسان زمين ڏٺي آهي، ۽ اُها تمام عمدي آهي: ۽ اوهين ماٺ ڪري ويٺا آهيو ڇا؟ هلي انهيءَ زمين کي هٿ ڪريو، ۽ منجهس رهو، ۽ سستي نہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ