Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:28 - Sindhi Bible

28 ۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:28
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.


جلب بن بعنہ نطوفاتي، اتي بن ريبي، بنيمين جي جبعہ وارو؛


پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.


۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو.


اهي هئا سندن سڀني پيڙهين ۾ ابن جي گهراڻن جا رئيس ۽ مکيہ ماڻهو: اهي يروشلم ۾ رهندا هئا.


هو لنگهہ تان لنگهي ويا آهن؛ هو جبع ۾ رهي پيو آهي: رامہ ڏڪي ٿو؛ سائول جو جبع ڀڄي نڪتو آهي.


اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.


اي اسرائيل، تو جبعہ جي ڏينهن کان وٺي گناهہ پئي ڪيا آهن: هو اُتي بيٺا رهيا، انهي لاءِ تہ بدڪاريءَ جي ٻارن تائين لڙائي نہ اچي پهچي؟


بنيمين جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: بلع، جنهن کان بلعين جو گهراڻو شروع ٿيو: اشبيل، جنهن کان اشبيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: اخيرام، جنهن کان اخيرامين جو گهراڻو شروع ٿيو:


جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


پوءِ اُها سرحد هنوم جي پٽ جي واديءَ جي ڀرسان چڙهي يبوسين جي ڏکڻ پاسي تائين ويئي (۽ اهو آهي يروشلم): پوءِ اُها سرحد چڙهي جبل جي چوٽيءَ تائين ويئي، جو اُلهندي ڏانهن هنوم جي واديءَ جي سامهون بيٺل آهي، جا وادي اُتر ڏي رفائيم جي وادي جي پڇاڙيءَ وٽ آهي:


پوءِ اُها سرحد لهي اُنهيءَ جبل جي پڇاڙيءَ تائين آئي، جو هنوم جي پٽ واري واديءَ جي اڳيان آهي، ۽ جو اُتر ڏانهن رفائيم جي وادي ۾ آهي؛ پوءِ لهي هنوم جي واديءَ ڏانهن ويئي، جا ڏکڻ طرف يبوسين جي پاسي آهي، ۽ اُتان وري لهي عين راجل ڏانهن ويئي.


۽ ٻئي ڪڻي وارو حصو شمعون جي لاءِ نڪتو، يعني بني شمعون جي فرقي لاءِ، سندن قبيلن موجب: ۽ انهيءَ جو موروثي حصو بني يهوداہ جي موروثي حصي جي وچ ۾ هو.


۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن.


پر انهيءَ ماڻهو اُها رات اُتي ٽڪڻ جي نہ ڪئي، ۽ اُٿي هليو، ۽ يبوس جي سامهون آيو (جو يروشلم آهي): ۽ هن سان ٻہ گڏهہ زين پيل هئا؛ ۽ سندس سريت بہ ساڻس هئي.


۽ سائول بہ جبعہ ۾ پنهنجي گهر ويو؛ ۽ اُنهي سان گڏ اُنهن ماڻهن جو هڪڙو لشڪر هو، جن جي دلين کي خدا ڇهيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ