Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:26 - Sindhi Bible

26 ۽ مصفاہ، ۽ ڪفيرہ، ۽ موضہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 مصفاہ، ڪفيرہ، موضہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:26
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي:


تڏهن بادشاهہ آسا ساري يهوداہ ۾ اشتهار ڪرايو؛ ڪنهن کي بہ ڇڏي نہ ڏنائين: سڀيئي رامہ جا پٿر ۽ ان جو ڪاٺ، جو بعشا ڪم ٿي آندو، سو کڻي ويا؛ ۽ اُنهن سان بادشاهہ آسا بنيمين وارو جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايو.


هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.


قريت عريم، ڪفرہ ۽ بيروت جا ماڻهو ست سؤ ٽيتاليهہ.


تڏهن يرمياہ جدلياہ بن اخيقام ڏي مصفاہ ۾ ويو، ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيل هئا تن منجهہ رهڻ لڳو.


۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


پوءِ بني عمون اچي گڏ ٿيا ۽ جلعاد ۾ منزل هنيائون. ۽ بني اسرائيل بہ گڏ ٿيا ۽ مصفاہ ۾ منزل هنيائون.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.


۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس.


۽ هو مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا، ۽ پاڻي ڪڍيائون، ۽ خداوند جي اڳيان هاريائون، ۽ اُهو ڏينهن روزو رکيائون، ۽ اُتي چيائون تہ اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو قاضي ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ