Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:12 - Sindhi Bible

12 ۽ انهن جي سرحد اُتر پاسي يردن کان هلي؛ ۽ اُها سرحد اُتر ڏي يريحو جي پاسي ويئي، ۽ اُتان جبلن منجهان لنگهي اُلهندي ڏي ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي بيٿ آون جي بيابان تي بيٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ حصي جي سرحد اتر پاسي اردن درياءَ کان شروع ٿي، يريحو شهر جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي اولهہ طرف جابلو علائقي منجھان لنگھندي بيت‌آون جي بيابان تائين آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سامريہ جا رهاڪو بيت اون جي گابن لاءِ خوف ۾ رهندا: ڇالاءِ جو انهي جا ماڻهو انهي تي ماتم ڪندا، ۽ انهي جا ڪاهن بہ، جي ان جي وڏائي ڪري اُن تي خوش ٿيندا هئا؛ ڇالاءِ جو ان جي وڏائي انهي مان نڪري ويئي آهي.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


اوهين جبعہ ۾ شرنائي وڄايو، ۽ رامہ ۾ قرناءِ: بيت اون ۾ خوف جو آواز ڪريو؛ اي بنيمين تنهنجي پٺيان!


۽ بني يوسف جو ڪڻي پيري حصو يريحو جي ڀرسان يردن کان اُڀرندي ڏانهن يريحو جي پاڻيءَ تائين ٿيو، ۽ اُتان وري انهي بيابان تائين هو جو يريحو کان نڪري بيت ايل منجهان لنگهي هليو ٿو وڃي؛


۽ بني بنيمين جي فرقي جو ڪڻي وارو حصو، سندن قبيلن موجب هي آيو: ۽ انهن جي حصي جي سرحد بني يهوداهہ ۽ بني يوسف جي وچ ۾ آئي.


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


(هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).


۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.


تڏهن يشوع ۽ سڀيئي اسرائيلي بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا، ڄڻ تہ هنن جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن.


۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ