Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:10 - Sindhi Bible

10 ۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:10
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.


۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾.


هو اسان لاءِ اسان جو ورثو چونڊي ڪڍندو، جو سندس محبوب يعقوب جي حشمت آهي.


ڇو تہ اي خدا تو منهنجون مڃتائون ٻڌيون آهن: ۽ جيڪي تنهنجي نالي کان ڊڄن ٿا تن جهڙي ميراث مون کي ڏني اٿيئي.


ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.


پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.


اها آهي ڪل زمين جا اوهين ڪُڻن سان اسرائيل جي فرقن کي ورثو ڪري ورهائي ڏجو، ۽ اهي آهن انهن جا علحدا حصا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس، تہ


۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهي رهيا، تڏهن سندس ڪپڙن تي پُکا وجهي پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.


جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي.


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو، ۽ انهن زمين ورهائي.


۽ بني بنيمين جي فرقي جو ڪڻي وارو حصو، سندن قبيلن موجب هي آيو: ۽ انهن جي حصي جي سرحد بني يهوداهہ ۽ بني يوسف جي وچ ۾ آئي.


تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


تنهن تي اُهي ماڻهو اُٿي هليا: ۽ يشوع انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ انهيءَ ملڪ مان گهمندا وڃو، ۽ اُهو بيان لکي پوءِ مون وٽ اچو تہ آءٌ هتي سيلا ۾ خداوند جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


انهيءَ موجب اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ انهيءَ ملڪ مان لنگهي انهيءَ جي شهرن موجب ست ڀاڱا ڪري هڪڙي ڪتاب ۾ بيان ڪيائون، ۽ موٽي سيلا واريءَ منزلگاهہ تي يشوع وٽ آيا.


هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


ڏسو، هي قومون جي باقي رهيون آهن، سي انهن سڀني قومن سميت، جن کي مون ناس ڪري ڇڏيو آهي، يردن کان وٺي اُلهندي ۾ وڏي سمنڊ تائين، سي مون ورثو ڪري اوهان کي ورهائي ڏنيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ