Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 17:7 - Sindhi Bible

7 ۽ منسيءَ جي سرحد آشر کان وٺي مڪمٿاہ تائين هئي، جو سڪم جي سامهون آهي؛ ۽ اُها سرحد سڄي هٿ واري پاسي کان هلي عين تفوح جي رهاڪن تائين ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي کي مليل ورثي جي سرحد اتر ۾ آشر کان وٺي ڏکڻ ۾ سڪم شهر جي اوڀر طرف مڪمتاہ تائين هئي. انهيءَ کان اڳتي ڏاکڻي پاسي عين‌تفوح جو سڄو علائقو انهيءَ سرحد ۾ شامل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 17:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.


پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا.


تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو.


۽ رحبعام سڪم ڏي ويو: ڇالاءِ جو ساري اسرائيل قوم هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آئي هئي.


تنهن کان پوءِ يربعام افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم اڏي اُتي رهڻ لڳو؛ ۽ اُتان وڃي فنوايل اڏيائين.


۽ هنن انهن کي هي پناهہ جا شهر ڏنا، افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛ جزر، ان جي ٻهراڙيءَ سميت؛


خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشيون ڪندس: آءٌ سڪيم جا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات جي وادي ورهائي ڏيندس.


ڇالاءِ جو منسيءَ جي ڌيئرن کي سندن پٽن سان گڏ ورثو مليو: ۽ منسيءَ جي باقي ٻين پٽن کي جلعاد جي زمين ملي.


هاڻي منسي کي تفوح جي زمين مليل هئي: پر منسيءَ جي سرحد وارو تفوح بني افرائيم جي ملڪيت هو.


۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.


۽ اُنهن هنن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾، سڪم، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي لاءِ پناهہ جو شهر هو، ۽ جزر، ٻهراڙيءَ سميت ڏنو؛


۽ يشوع اسرائيل جا سڀ فرقا سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيا، ۽ اسرائيل جي بزرگن کي، ۽ رئيسن کي، ۽ قاضين کي، ۽ عملدارن کي گهرايائين؛ ۽ اُهي اچي خدا جي اڳيان حاضر ٿيا.


۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.


۽ ابيملڪ بن يروبعل پنهنجي مامن وٽ سڪم ۾ ويو، ۽ انهن کي، ۽ پنهنجي ناني جي گهراڻي واري قبيلي کي چيائين، تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ