Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 17:16 - Sindhi Bible

16 ۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هنن وراڻيو تہ ”اهو جابلو علائقو اسان جي لاءِ ڪافي ناهي ۽ انهيءَ ماٿريءَ واري ملڪ ۾ جيڪي ڪنعاني رهن ٿا يعني بيت‌شان شهر ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارا ۽ يزرعيل ماٿريءَ وارا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 17:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٿوري وقت ۾ هيئن ٿيو تہ آسمان ڪڪرن ۽ واءُ سان ڪارو ٿي ويو، ۽ ڏاڍو مينهن پيو. ۽ اخي آب سوار ٿي يزرعيل ڏانهن ويو.


۽ خداوند جو هٿ ايلياہ تي هو: ۽ هن اُٿي پنهنجي ڪمر ٻڌي، ۽ اخي آب جي اڳيان ڊوڙندو يزرعيل جي دروازي تائين ويو.


اُنهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ نبوت يزرعيليءَ جو هڪڙو ڊاک جو منهہ هو، جو يزرعيل ۾ سامريہ جي بادشاهہ اخي آب جي محلات جي پاسي ۾ هو.


۽ ايزبل جي نسبت ۾ بہ خداوند چيو تہ يزرعيل جي ڪوٽ جي ڀِت جي پاسي ۾، ايزبل کي ڪتا کائيندا.


بعنہ بن اخيلود، تعناڪ ۽ مجدو ۾، ۽ سارو بيت شان، جو ضرتان جي پاسي ۾، يزرعيل جي هيٺان، بيت شان کان وٺي ابيل محولہ تائين، بلڪ يقمعام کان بہ پرتي ٿو وڃي، تنهن ۾:


۽ ايزبل کي يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ڪتا کائيندا، ۽ هن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هوندو. پوءِ هو در پٽي اُٿي ڀڳو.


۽ ايزبل جو لاش يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ٻنيءَ جي مٿان گند ڪچري وانگر پيل رهندو؛ اهڙيءَ طرح جو ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ هيءَ ايزبل آهي.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.


۽ يزرعيل، ۽ يقدعام، ۽ زنوح؛


۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.


تڏهن يشوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جي اوهين وڏي قوم آهيو تہ جهنگن ۽ ٻيلن ڏي وڃو، ۽ جي افرائيم جو جابلو ملڪ اوهان جي لاءِ سوڙهو هجي، تہ اُتي پنهنجي لاءِ فرزين ۽ رفائيم جي زمين ۾ وڍي جاءِ ڪريو.


۽ يشوع يوسف جي گهراڻي کي، يعني افرائيم ۽ منسي کي چيو، تہ اوهين وڏي قوم آهيو ۽ وڏي طاقت وارا آهيو: اوهان کي نہ فقط هڪڙو حصو هوندو،


پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.


۽ انهن جي سرحد يزرعيل، ۽ ڪسولوٿ، ۽ شونيم؛


۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.


تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.


هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ