Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 17:15 - Sindhi Bible

15 تڏهن يشوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جي اوهين وڏي قوم آهيو تہ جهنگن ۽ ٻيلن ڏي وڃو، ۽ جي افرائيم جو جابلو ملڪ اوهان جي لاءِ سوڙهو هجي، تہ اُتي پنهنجي لاءِ فرزين ۽ رفائيم جي زمين ۾ وڍي جاءِ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 يشوع کين ورندي ڏني تہ ”جيڪڏهن اوهين ايترا گھڻا آهيو ۽ افرائيم جو جابلو علائقو اوهان لاءِ ننڍو آهي تہ پوءِ ٻيلي ڏانهن وڃو ۽ اتي فرزين ۽ رفائين جي علائقي ۾ پنهنجي لاءِ جھنگ وڍي جاءِ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 17:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا.


۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،


پوءِ ماڻهو اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ نڪري ميدان تي ويا: ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.


هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا.


۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا.


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


۽ آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان موڪليندس، ۽ آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فريزين، حوين ۽ يبوسين کي هڪالي ڪڍندس.


پر جنهن کي خبر ڪانہ هئي، ۽ ڦٽڪن جي سزا جوڳو ڪم ڪيائين، تنهن کي ٿوري مار ملندي. ۽ جنهن کي گهڻو مليل آهي تنهن کان گهڻو طلب ڪيو ويندو؛ ۽ جنهن کي ججهو سونپيو هوندائون، انهي کان گهُرندا بہ وڌيڪ.


۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟


۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.


۽ افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ميڪاہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ