Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 17:11 - Sindhi Bible

11 ۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيت‌شان، ابليعام، عين‌دور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 17:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:


۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي.


پر جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ اخزياہ اهو حال ڏٺو، تڏهن باغ واري گهر جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳو. ۽ ياهو اُنهيءَ جي پٺيان پيو ۽ چوندو ويو تہ انهيءَ کي بہ رٿ تي ماري وجهو. تڏهن جُور جي چاڙهي، جا ابلعام جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ ماڻهن هن کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مجدو ڏي ڀڳو ۽ اُتي وڃي مئو.


۽ منسيءَ جي اڌ فرقي مان؛ عانير، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ بلعام، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، جي قهات جي پٽن جي قبيلي مان باقي رهيل ماڻهن کي مليا.


۽ بني منسي جي سرحدن جي ڀرسان بيت شان ۽ ان جا شهر، تعناڪ، ۽ ان جا شهر، مجدو، ۽ ان جا شهر، دور، ۽ ان جا شهر، انهن ۾ يوسف بن اسرائيل جو اولاد رهندو هو.


انهيءَ هوندي بہ يوسياہ پنهنجو منهن هن کان نہ ڦيرايو، پر هن سان وڙهڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايائين، ۽ خدا جي واتان نڪتل نڪوہ جي ڳالهہ نہ ٻڌائين، ۽ مجدو جي واديءَ ۾ وڙهڻ لاءِ آيو.


جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.


۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.


۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،


تعنڪ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ مجدو جو بادشاهہ، هڪڙو؛


دور جي چوٽيءَ تي دور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جلجال جي قومن جو بادشاهہ، هڪڙو؛


۽ انهيءَ سان گڏ بني افرائيم جي لاءِ متفرقہ شهر، ۽ انهن جا ڳوٺ، بني منسي جي ميراث واري حصي ۾ هئا.


ڏکڻ ڏي اُها افرائيم جي هئي ۽ اُتر ڏي منسي جي، ۽ سمنڊ انهي جي حد آهي؛ ۽ اُهي اُتر ڏي آشر ۾، ۽ اُڀرندي ڏي اشڪار ۾ وڃي پهتيون.


۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.


۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا:


بادشاهہ آيا ۽ اچي وڙهيا، پوءِ ڪنعان جا بادشاهہ، تنعاڪ ۾ مجدو جي پاڻين وٽ وڙهيا: هنن کي ڪو ذري جو فائدو ڪونہ مليو.


تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي.


۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو.


تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ