Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 17:1 - Sindhi Bible

1 منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 17:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ خدا منهنجي سڀ تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گهر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي.


۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.


۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.


جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن ناراض ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو هٿ جهليائين تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي.


۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا ائين ٿيڻ نہ گهرجي: پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک، ڇالاءِ جو هو وڏو آهي.


۽ يوسف افرائيم جي ٽينءَ پيڙهيءَ وارا ٻار بہ ڏٺا: ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جا ٻار بہ يوسف جي هنج ۾ نپنا.


۽ انهيءَ کي جلعاد، ۽ آشرين، ۽ يزرعيل، ۽ افرائيم، ۽ بنيمين، ۽ سڄي اسرائيل تي بادشاهہ ڪيائين


۽ جسور ۽ ارام انهن کان يائير جا شهر، قنات ان جي ڳوٺن سميت، مڙئي سٺ شهر ورتا. اهي سڀ جلعاد جي پيءُ مڪير جا پٽ هئا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.


۽ نفتالي جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ منسيءَ جو هڪڙو حصو.


منسيءَ جا پٽ: مڪير، جنهن کان مڪيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ مڪير مان جلعاد پيدا ٿيو: جلعاد، جنهن کان جلعادين جو گهراڻو شروع ٿيو.


تڏهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي گهراڻن مان صلافحاد، بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ جون ڌيئون، جن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا، سي ويجهو آيون.


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


پر هو حقير زال جي پٽ کي پهريتو ٺهرائي، ۽ انهي کي پنهنجي سموري مال جو ٻيڻو حصو ڏئي: ڇالاءِ جو هو سندس طاقت جو پهريون ڦل آهي؛ ۽ پهريتي جو حق انهي جو آهي.


بني منسيءَ مان باقي جيڪي بچيا هئا، تن کي بہ سندن قبيلن موجب هي حصو مليو؛ يعني ابيعزر جي اولاد لاءِ، ۽ بني خلق جي اولاد لاءِ، ۽ اسرائيل جي اولاد لاءِ، ۽ سڪم جي اولاد لاءِ، ۽ حفر جي اولاد لاءِ، ۽ سميدع جي اولاد لاءِ: اهي آهن يوسف جي پٽ منسيءَ جو اولاد سندن قبيلن موجب.


هاڻي منسيءَ جي هڪڙي اڌ فرقي کي موسيٰ بسن ۾ سندن موروثي حصو ڏنو هو؛ پر ٻئي اڌ فرقي کي يشوع يردن جي پار اُلهندي ڏانهن سندن ٻين ڀائرن سان گڏ حصو ڏنو، تنهن کان سواءِ جڏهن يشوع انهن کي پنهنجن تنبن ڏانهن موڪليو تڏهن انهن کي برڪت ڏنائين،


افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ