4 انهي طرح يوسف جي اولاد، منسي ۽ افرائيم پنهنجو ورثو ورتو.
4 اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو.
۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.
ڇالاءِ جو يوسف جي ٻن پٽن، منسي ۽ افرائيم جا ٻہ فرقا هئا: ۽ هنن انهيءَ ملڪ ۾ لاوين کي ڪوبہ حصو ڪونہ ڏنو، سواءِ شهرن جي، ۽ چاري جي لاءِ زمين، تہ اُتي پاڻ بہ رهن، ۽ پنهنجو مال بہ چارين، ۽ پنهنجو قوت گذران بہ ڪن.
۽ بني افرائيم جي سرحد، سندن قبيلن موجب هن طرح هئي: هنن جي موروثي حصي جي حد اُڀرندي پاسي عطاراٿ ادار کان وٺي بيٿ حورون مٿئين تائين هئي؛
۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟
۽ اُهي انهيءَ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائيندا: يهوداہ پنهنجي سرحد ۾ ڏکڻ ۾ رهندو، ۽ يوسف جو گهراڻو اُتر ۾ پنهنجين حدن اندر رهندو.