2 ۽ بيت ايل مان هلي لوز ڏانهن ٿو وڃي، ۽ ارڪين جي سرحد سان لنگهي عطاراٿ ڏانهن ٿو وڃي؛
2 اها بيتايل يعني لوز کان هلندي ارڪين قوم جي علائقي عطارات ۾ آئي.
۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل (خدا جو گهر) رکيائين؛ پر اڳ ۾ انهيءَ هنڌ جو نالو لوز هو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تي آيو، جتي خدا جي عبادت ڪندا هئا، تڏهن ڏس، حوسي ارڪي ڦاٽل ڪپڙن سان، مٿي ۾ مٽي وجهي هن کي گڏجڻ آيو:
پوءِ حوسي، دائود جو دوست، شهر ۾ آيو، ۽ ابي سلوم بہ يروشلم ۾ پهتو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي سلوم وٽ آيو، تڏهن حوسي ابي سلوم کي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي، خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي.
۽ اخيتفل بادشاهہ جو مشير هو، ۽ حوسي ارڪي بادشاهہ جو دوست هو:
۽ انهن جون ملڪيتون ۽ رهڻ جون جايون هيون؛ بيت ايل، ۽ ان جا شهر، ۽ اُڀرندي ڏي نعران، ۽ الهندي ڏي جزر. اُن جي شهرن سميت؛ سڪم بہ، ۽ ان جا شهر، عزہ، ۽ ان جي شهرن تائين:
پوءِ اُها سرحد اُتان هلي ڏکڻ ڏانهن لوز ڏي، يعني لوز جي پاسي ڏانهن ويئي (جو بيت ايل آهي)؛ پوءِ اُها سرحد لهي عطاراٿ ادار ڏانهن، انهيءَ ٽڪريءَ جي ويجهو ويئي، جا بيت حورون جي هيٺئين ڏکڻ واري پاسي آهي.