Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 15:7 - Sindhi Bible

7 تنهن کان پوءِ اُها سرحد عڪور جي واديءَ مان نڪري دبير ڏانهن چڙهي ويئي، جتان وري اُتر ڏي جلجال جي رخ تي هلي، يعني ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون، جا نديءَ جي ڏکڻ پاسي آهي: پوءِ اُها سرحد لنگهي عين شمس جي پاڻيءَ ڏي ويئي، جو عين راجل وٽ وڃي ٿو نڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ اها سرحد عڪور جي ماٿريءَ مان ٿيندي دبير تائين ويئي، جتان وري اتر طرف جِلجال ڏانهن ڦري جيڪو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون واري برساتي نهر جي ڏکڻ پاسي آهي. پوءِ اتان لنگھي عين‌شمس جي چشمن وٽان ٿيندي عين‌راجل تائين وڃي پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 15:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي.


۽ ادونياہ زحلت جو پٿر، جو عين راجل جي ڀرسان آهي، تنهن وٽ رڍون ۽ ڏاند ۽ پاليل پهرو ذبح ڪيا؛ ۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن، يعني بادشاهہ جي پٽن کي، ۽ سڀني يهوداہ جي ماڻهن، ۽ بادشاهہ جي نوڪرن کي دعوت ڏيئي سڏيو:


منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي جلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


۽ اُتان وري هو دبير جي رهندڙن تي چڙهي ويو: ۽ دبير جو نالو اڳي قريٿ سفر هو.


پوءِ اُها سرحد بيت حجلہ ڏانهن چڙهي بيت العرابہ جي اُتر جو پاسو ڏيئي لنگهي ويئي؛ ۽ پوءِ اُها سرحد چڙهي روبن جي پٽ بوهن جي پٿر تائين ويئي:


۽ اُتر کان ڇڪجي عين شمس ڏانهن ويئي، ۽ اڳتي لنگهي جليلوٿ طرف ويئي، جو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون آهي؛ پوءِ لهي روبن جي پٽ بوهن واري پٿر تائين ويئي؛


۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.


۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ