Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 15:11 - Sindhi Bible

11 پوءِ اُها سرحد نڪري اُتر ڏي عقرون جي پاسي تائين ويئي، پوءِ اُها لنگهي سڪرون ڏانهن، ۽ اُتان بعلہ ڏانهن لنگهي، وري نڪري يبني ايل تائين ويئي؛ ۽ انهي سرحد جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي بيٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ اتان عقرون جي اترينءَ لاهيءَ ڏانهن وڃي سڪرون ڏانهن ڦري ۽ بعلہ جبل وٽان لنگھي يبني‌ايل وٽ پهتي. اها سرحد ڀُونوِچ سمنڊ تي ختم ٿي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 15:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ کي چيائين تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تو جو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن سو انهيءَ ڪري ڇا تہ اسرائيل ۾ اهڙو ڪو خدا ڪونهي جنهن کان پڇا ڪري خبر وٺجي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ تان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور مرندين.


تڏهن هنن چيو تہ هڪڙو ماڻهو اسان کي اچي گڏيو، ۽ اسان کي چيائين تہ جنهن بادشاهہ اوهان کي موڪليو آهي تنهن وٽ موٽي وڃو، ۽ چئوس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو تو عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇائي موڪليو آهي؟ تنهنڪري جنهن هنڌ تي تون چڙهيو آهين انهيءَ کان وري هيٺ نہ لهندين، پر ضرور تون مرندين.


۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.


۽ اُلهندي واري سرحد اوهان جي لاءِ وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو ٿيندي: اها اوهان جي اُلهندي واري سرحد ٿيندي.


پوءِ اُها سرحد بعلہ کان ڦري اُلهندي ڏانهن شعير جبل تائين ويئي، ۽ اُتان لنگهي اُتر ڏانهن يعريم جبل جي پاسي تائين ويئي (جو ڪسلون آهي)، پوءِ لهي بيت شمس ڏانهن وڃي، اڳتي تمنہ ڏانهن هلي ويئي:


۽ اُلهندي واري سرحد تي وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو هو، اها آهي بني يهوداہ جي چئني پاسن واري سرحد، سندن قبيلن موجب.


عقرون، سندن شهر ۽ ڳوٺن سميت:


پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).


۽ يهوداہ، غزہ، ان جي سرحد سميت، اسقلون، ان جي سرحد سميت، ۽ عقرون، ان جي سرحد سميت بہ ورتو.


۽ اسرائيل جا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو اُٿيا، ۽ نعرا هڻي فلستين جي پٺيان پيا، ۽ گئيءَ تائين، ۽ عقرون جي دروازن تائين هنن کي ڀڄائيندا ويا. ۽ فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا سي شعريم جي راهہ ۾، جات ۽ عقرون تائين پئي ڪِريا.


تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


۽ جيڪي شهر فلستين اسرائيل کان ورتا هئا سي اسرائيل کي موٽائي ڏنا ويا، عقرون کان وٺي جات تائين؛ ۽ انهي جي سرحد اسرائيل فلستين جي هٿان ڇڏائي. پوءِ اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ