Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 15:10 - Sindhi Bible

10 پوءِ اُها سرحد بعلہ کان ڦري اُلهندي ڏانهن شعير جبل تائين ويئي، ۽ اُتان لنگهي اُتر ڏانهن يعريم جبل جي پاسي تائين ويئي (جو ڪسلون آهي)، پوءِ لهي بيت شمس ڏانهن وڃي، اڳتي تمنہ ڏانهن هلي ويئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ اُها بعلہ کان اولهہ طرف ادوم جي جابلو علائقي ڏانهن ڦِري ۽ اتان يعريم جبل يعني ڪسلون جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي بيت‌شمس ڏانهن لهي اڳتي تمنہ ڏانهن ٽپي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 15:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.


پر امصياہ اها ڳالهہ نہ ٻڌي. تنهنڪري يهوآس، اسرائيل جو بادشاهہ اُٿي هليو؛ ۽ بيت شمس، جو يهوداہ جو شهر آهي، تنهن وٽ هو ۽ يهوداہ جو بادشاهہ امصياہ هڪ ٻئي جي منهن سامهون ٿيا.


فلستين بہ هيٺانهين زمين تي ۽ يهوداہ جي ڏکڻ وارن شهرن تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ بيت شمس ۽ ايالون ۽ جديروت ۽ شوڪو، ان جي شهرن سميت، ۽ تمنہ، ان جي شهرن سميت، ۽ جمسو، ان جي شهرن سميت، ورتا هئائون، ۽ اتي رهي پيا هئا.


پوءِ اُها سرحد نڪري اُتر ڏي عقرون جي پاسي تائين ويئي، پوءِ اُها لنگهي سڪرون ڏانهن، ۽ اُتان بعلہ ڏانهن لنگهي، وري نڪري يبني ايل تائين ويئي؛ ۽ انهي سرحد جي پڇاڙي وڃي سمنڊ تي بيٺي.


قين، جبعہ، ۽ تمنہ؛ ڏهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


۽ ارون، ۽ مجدال ايل، حريم، ۽ بيٿ عناٿ، ۽ بيٿ شمس؛ اوڻيهہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


۽ عين سندس ٻهراڙين سميت، ۽ يوطہ سندس ٻهراڙين سميت، ۽ بيت شمس سندس ٻهراڙين سميت؛ انهن ٻنهي فرقن مان نوَ شهر.


۽ سمسون تمنت ڏانهن ويو، ۽ تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺائين.


تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي.


۽ نظر ڪجو تہ جيڪڏهن اُها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت شمس ڏي وڃي، تہ ڄاڻجو تہ انهيءَ ئي اسان کي هيءَ وڏي آفت موڪلي آهي: پر جي نہ تہ تڏهن اسين ڄاڻنداسين تہ انهيءَ جي هٿ اسان کي نہ ماريو آهي؛ اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو، جو اسان سان ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ