Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 15:1 - Sindhi Bible

1 انهي طرح بني يهوداہ جي فرقي جو سندن قبيلن موجب ڪڻن پيري اهو حصو هو: جو ڏکڻ ڏانهن صين جي بيابان ادوم جي سرحد تائين هو، جو ڏکڻ جي ڪناري جي تمام پڇاڙيءَ وارو ڀاڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ قبيلي کي سندن گھراڻن موجب جيڪو حصو مليو سو هي هو. سندن علائقو ادوم جي علائقي ڏانهن صين جي بيابان جي ڏکڻ واري تمام پڇاڙيءَ واري ڀاڱي تائين هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 15:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون.


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.


۽ روبن جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ يهوداہ جو هڪڙو حصو.


پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:


۽ يروشلم، ۽ ادوم، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر، ۽ صور ۽ صيدا جي آس پاس کان ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي جڏهن ٻڌو تہ هو ههڙا وڏا ڪم ٿو ڪري، تڏهن اُهي وٽس آيا.


انهي لاءِ جو اوهان صين جي بيابان ۾، ۽ قادس جي مريبہ واري چشمي وٽ، بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجو ڏوهہ ڪيو هو؛ ڇوتہ اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


۽ انهن جي ڏکڻ واري سرحد کاري سمنڊ جي حد کان وٺي هئي، يعني اُنهيءَ شاخ کان وٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي:


۽ اُهي انهيءَ کي ستن ڀاڱن ۾ ورهائيندا: يهوداہ پنهنجي سرحد ۾ ڏکڻ ۾ رهندو، ۽ يوسف جو گهراڻو اُتر ۾ پنهنجين حدن اندر رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ