Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:8 - Sindhi Bible

8 انهيءَ هوندي بہ منهنجا ڀائر، جي مون سان هليا هئا، تن ماڻهن جون دليون پگهاري ڇڏيون؛ پر مون خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 منهنجا هم‌قوم ڀائر جيڪي مون سان گڏ هليا هئا تن تہ ماڻهن جون دليون ئي ڏڪائي ڇڏيون هيون، پر مون خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.


تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.


پر يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب، ۽ نون جو پٽ يشوع اهو ڏسندا: جو هنن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.


هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو.


سواءِ يفنہ جي پٽ ڪالب جي، جو اهو ڏسندو؛ ۽ انهي کي ۽ انهي جي اولاد کي آءٌ اها زمين ڏيندس؛ جا هن لتاڙي آهي: ڇالاءِ جو هن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.


تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ