Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:6 - Sindhi Bible

6 تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادش‌برنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:6
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ هو اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جي پٺيان ويو، ۽ اُنهيءَ کي هڪڙي شاهہ بلوط جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺائين: ۽ چيائينس تہ جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو سو تون آهين ڇا؟ ۽ هن چيو تہ اُهو آءٌ آهيان.


۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.


۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.


۽ انهيءَ زال پنهنجي مڙس کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ پروڙيان ٿي تہ هي ڪو خدا جو پاڪ ٻانهو آهي جو هميشہ اسان وٽان لنگهندو آهي.


۽ هو پنهنجون اکيون هن تي کپائي بيهي رهيو، جيسين ڪ هو شرمندو ٿيو: ۽ خدا جي مرد روئي ڏنو.


پوءِ اليشع دمشق ۾ آيو؛ ۽ ارام جو بادشاهہ بن هدد بيمار هو؛ انهيءَ کي وڃي ٻڌايائون تہ خدا جو مرد اتي آيو آهي.


باقي رهيو خدا جو مرد موسيٰ سو انهيءَ جا پٽ لاوين جي قبيلي ۾ ڳڻيا ويا.


اي خداوند تون سڀني پيڙهين ۾ اسان جي پناهہ گاهہ ٿيو آهين.


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.


پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.


۽ يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.


۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.


۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


پر يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب، ۽ نون جو پٽ يشوع اهو ڏسندا: جو هنن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛


سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.


پوءِ يشوع سڀني اسرائيلين سميت موٽي جلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.


۽ ڪالب جي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ انهي کي هن پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني.


۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ