Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو موسيٰ ٻن فرقن ۽ اڌ فرقي کي يردن جي هن ڀر ورثو ڏنو هو: پر لاوين کي انهن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3-4 موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.


انهن کي خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو: ۽ خداوند جي ٻانهي موسيٰ اهو سڄو ملڪ ورثو ڪري بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي ڏيئي ڇڏيو هو.


رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


حسبون ۽ ان جا جيڪي شهر ميدان ۾ آهن؛ ديبون، ۽ باماٿ بعل، ۽ بيٿ بعل معون،


انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ