Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:2 - Sindhi Bible

2 اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سندن اهو ورثو ڪڻن جي ذريعي انهن ساڍن نون قبيلن کي ورهائي ڏنو ويو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت حڪم ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.


ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو.


تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:


جيڪي ماڻهو انهي ملڪ جو ورثو اوهان کي ورهائي ڏيندا، تن جا نالا هي آهن: اليعزر ڪاهن، ۽ نون جو پٽ يشوع.


انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:


پوءِ انهن جي لاءِ پُکا وڌائون؛ ۽ پُکو متياهہ جي نالي نڪتو؛ تڏهن اهو انهن يارهن رسولن ۾ شامل ٿيو.


تنهنڪري هاڻي اها زمين تون اُنهن نوَن فرقن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي ورثي ۾ ورهائي ڏي.


۽ يشوع سندن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي اڳيان ڪڻا وڌا: ۽ اُتي اُها زمين بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏنائين.


تنهنڪري اوهين انهيءَ ملڪ جا ست حصا ڪريو، ۽ اُهو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ هتي، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ