Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن يشوع هن جي حق ۾ دعا ڪئي، ۽ ڪالب بن يفنہ کي حبرون ورثو ڪري ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن يشوع ڪالب کي دعا ڪئي ۽ حبرون شهر کيس ورثي طور ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو.


پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني.


انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ يهوداہ جي ڪنهن شهر ۾ چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ ڀلي وڃ. ۽ دائود چيو تہ ڪيڏانهن وڃان؟ هن چيو تہ حبرون ڏي.


اليعزر کي فينحاس ڄائو، فينحاس کي ابيسوع ڄائو؛


۽ ڳوٺن ۽ انهن جي ٻنين لاءِ، بني يهوداہ مان ڪي قريت اربع ۽ ان جي شهرن ۾، ديبون، ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ يقبضي ايل، ۽ ان جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا؛


منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي.


تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين حبرون، ڪالب بن يفنہ قنزيءَ جي ملڪيت آهي، ڇالاءِ جو هن خداوند اسرائيل جي خدا جي پوريءَ طرح پيروي ڪئي.


۽ يفنہ جي پٽ ڪالب کي هن بني يهوداہ سان گڏ حصو ڏنو، جيئن خداوند يشوع کي حڪم ڏنو هو، يعني عناق جي پيءُ اربع وارو شهر (جو حبرون آهي.)


پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.


۽ هنن حبرون ڪالب کي ڏنو، جيئن موسيٰ چيو هو: ۽ هن اُتان عناق جا ٽي پٽ هڪالي ڪڍي ڇڏيا.


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري.


اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.


۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ