Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:11 - Sindhi Bible

11 اڃا تائين آءٌ اهڙو مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هوس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو: مون کي جهڙو زور اڳي هو تهڙو هاڻي بہ آهي، جهڙو جنگ لاءِ، تهڙو اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اڄ بہ آءٌ اهڙو ئي مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هئس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو هو. اڄ بہ مون کي جنگ لاءِ يا ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙي ئي طاقت آهي جهڙي اڳي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين.


اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.


پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.


۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين.


تنهنجي جتي لوهہ ۽ پتل جي ٿيندي؛ ۽ جهڙا تنهنجا ڏينهن اهڙي ئي تنهنجي طاقت ٿيندي.


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي، تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ هئي: هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت گهٽي هئي.


هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ