Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:10 - Sindhi Bible

10 هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.


تنهنجي پاسي ۾ هزار ڪري پوندا، بلڪ تنهنجي ساڄي هٿ وٽ ڏهہ هزار؛ پر اُها تو تائين ڪين پهچندي.


۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.


پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا.


يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي.


هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.


اڃا تائين آءٌ اهڙو مضبوط آهيان جهڙو انهيءَ ڏينهن هوس، جنهن ڏينهن موسيٰ مون کي موڪليو: مون کي جهڙو زور اڳي هو تهڙو هاڻي بہ آهي، جهڙو جنگ لاءِ، تهڙو اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ.


۽ موسيٰ انهي ڏينهن قسم کڻي چيو، تہ جنهن زمين تي تنهنجا پير پيا آهن، سا ضرور تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي لاءِ، هميشہ لاءِ موروثي ملڪيت ٿيندي، ڇو جو تو خداوند پنهنجي خدا جي پوري پيروي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ