Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 14:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي اُهي علائقا آهن جيڪي بني اسرائيل کي ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثي طور مليا. اُهي علائقا اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کين ورهائي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 14:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس، تہ


۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون برباد ڪري، اٽڪل ساڍين چئن صدين تائين کين سندن ملڪ ورثي ۾ ڏيئي ڇڏيائين.


پر جڏهن اوهين يردن جي پار وڃي انهي ملڪ ۾ رهندا، جو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، ۽ هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا؛


ڪوهستان جا سڀيئي رهاڪو، لبنان کان وٺي مسرفات المائم تائين ۽ سڀ صيداني بہ، انهن سڀني کي آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس: تون فقط انهيءَ کي ورهائي اسرائيل کي ورثو ڪري ڏي، جيئن مون توکي فرمايو آهي.


هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.


تنهن کان پوءِ لاوين جي گهراڻي جا سردار، اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي گهراڻن جي سردارن وٽ آيا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ