Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:9 - Sindhi Bible

9 يعني عروعير، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جو سارو ميدان، جو ديبون تائين آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ جي پکيڙ هي آهي: عروعير شهر، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ويندي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت جيڪو ديبون تائين آهي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو يردن پار لنگهي، جيڪو شهر جد جي واديءَ جي وچ ۾ آهي تنهن جي سڄي پاسي عروعير ۾ يعزر تائين تنبو هڻي لهي پيا:


انهيءَ طرح هنن معڪہ جي بادشاهہ ۽ سندس ماڻهن، ۽ ٻٽيهہ هزار رٿن کي ڀاڙي ڪيو؛ جن اچي ميدبا ۾ منزل هنئي. ۽ بني عمون پنهنجي شهرن مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا.


۽ ڳوٺن ۽ انهن جي ٻنين لاءِ، بني يهوداہ مان ڪي قريت اربع ۽ ان جي شهرن ۾، ديبون، ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ يقبضي ايل، ۽ ان جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا؛


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن.


۽ ديبون، ۽ نبو، ۽ بيت دبلتايم تي؛


۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


اسان هنن تي تير هنيا آهن؛ ۽ حسبون ديبون تائين تباهہ ٿي ويو آهي، اسان ملڪ کي نفع تائين ويران ڪيو آهي، اهو نفع، جو ميدبا تائين آهي.


۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:


سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا:


۽ بني روبن، ۽ بني جد کي مون جلعاد کان وٺي ارنون جي ماٿريءَ تائين، يعني انهيءَ ماٿريءَ جي وچين ڀاڱي کي انهن جي سرحد مقرر ڪري يبوق ندي، جا عمونين جي سرحد آهي، انهيءَ تائين سارو ملڪ ڏنو؛


امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ جنهن جي بادشاهي عروعير کان وٺي، جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، واديءَ جي وچ تائين، ۽ جلعاد جي اڌ تائين يعني بني عمون جي حد، يبوق نديءَ تائين هئي،


۽ امورين جي بادشاهہ جا سڀ شهر، سيحون، جو حسبون ۾ بني عمون جي سرحد تائين بادشاهت ڪندو هو؛


۽ انهن جي سرحد عروعير کان شروع ٿي جو ارنون جي واديءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جيڪو شهر واديءَ جي وچ ۾ آهي، ۽ ميدبا جي پاسي وارو سڄو ميدان؛


انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ