Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي اها زمين تون اُنهن نوَن فرقن، ۽ منسي جي اڌ فرقي کي ورثي ۾ ورهائي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو هاڻ اهو ملڪ تون انهن باقي نون قبيلن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.


۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو.


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:


ڪوهستان جا سڀيئي رهاڪو، لبنان کان وٺي مسرفات المائم تائين ۽ سڀ صيداني بہ، انهن سڀني کي آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس: تون فقط انهيءَ کي ورهائي اسرائيل کي ورثو ڪري ڏي، جيئن مون توکي فرمايو آهي.


انهن جي ٻئي حصي کي بني روبن، ۽ بني جد سان گڏ، اُڀرندي ڏي يردن جي هن ڀر موسيٰ جو ڏنل موروثي حصو مليو، جهڙيءَ طرح خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي ڏنو؛


اهو ورثو ڪڻن وجهڻ سان ورهايو ويو هو، جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت انهن نوَن فرقن ۽ اڌ فرقي کي ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ