Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جبلين جو ملڪ، ۽ سارو لبنان، اُڀرندي ڏي، حرمون جبل جي هيٺان بعل جد کان وٺي حماٿ ۽ انهي جي گهڙڻ تائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جِبلين جو سڄو علائقو، اوڀر طرف سڄو لبنان، حرمون جبل جي هيٺان بعل‌جد کان وٺي حمات لڪ تائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان جا رازا، ۽ حيرام جا رازا، ۽ جبلي انهن کي ڇلڻ لڳا، ۽ ڪاٺ، ۽ پٿر گهر جوڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:


ڪلنو، ڪرڪميس جهڙو ناهي ڇا؟ حمات، ارفاد جهڙو ناهي ڇا؟ سامريہ، دمشق جهڙو ناهي ڇا؟


تڏهن هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو، ۽ هن کي حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ بابل جي بادشاهہ وٽ آندائون؛ ۽ اُنهي هن تي فتويٰ جاري ڪئي.


جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن.


اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟


سو هو روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان کان وٺي رحوب تائين، جو جمات جي واٽ تي آهي، سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪيائون؛


۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي:


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي پار وڃڻ ڏي، تہ آءٌ يردن جي پرئين ڀر وارو چڱو ملڪ، ۽ سهڻو جبل، ۽ لبنان وڃي ڏسان.


يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.


۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.


۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ