Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:31 - Sindhi Bible

31 ۽ اڌ جلعاد، ۽ عستارات، ۽ ادرعي، بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر، اهي منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي ملڪيت هئا، يعني مڪير جي اڌ گهراڻي جي، سندن قبيلن موجب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 منجھس اڌ جِلعاد، عستارات ۽ ادرعي، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا گاديءَ وارا شهر هئا، سي پڻ شامل هئا. اهي سڀ منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي اڌ گھراڻن کي ڏنا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيرسوم جي پٽن کي، منسيءَ جي اڌ فرقي مان بسن ۾ جولان، ان جي ٻهراڙيءَ سميت، ۽ عستارات، ان جي ٻهراڙيءَ سميت:


جلعاد منهنجو آهي، ۽ منسي بہ منهنجو آهي: افرائيم منهنجي مٿي جي بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداہ منهنجو عصو آهي.


۽ نفتالي جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ منسيءَ جو هڪڙو حصو.


۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سرحد، جو باقي بچيل رفائيم مان هو، ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ وٽ رهندو هو،


بسن ۾ عوج جي سڄي بادشاهت، جو رفائيم مان باقي بچيل هو، جو عستارات ۽ ادرعي ۾ بادشاهت ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو انهن کي موسيٰ ماري مات ڪري ڪڍي ڇڏيو هو.


هي اُهي حصا آهن جي يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏي، يريحو جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ ورثو ڪري ورهائي ڏيئي ڇڏيا.


۽ منسيءَ کي يردن جي هن ڀر واري جلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ڏهہ حصا مليا؛


ڇالاءِ جو منسيءَ جي ڌيئرن کي سندن پٽن سان گڏ ورثو مليو: ۽ منسيءَ جي باقي ٻين پٽن کي جلعاد جي زمين ملي.


۽ جيڪي هن يردن جي هن ڀر وارن ٻنهي امورين جي بادشاهن سان ڪيو، يعني حسبون جي بادشاهہ سيحون سان، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان، جو عستارات ۾ هو.


۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.


جلعاد يردن جي هن ڀر رهندو هو: ۽ دان ڇالاءِ ٻيڙين ۾ رهيو؟ آشر ماٺ ڪري سمنڊ جي بندرگاهہ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجن سمنڊ جي کارين وٽ رهي پيو.


۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون.


۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ