Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:3 - Sindhi Bible

3 سيحور، جو مصر جي اڳيان آهي تنهن کان وٺي اُتر ڏي عقرون جي حد تائين، جو ڪنعانين ۾ شمار ٿيل آهي: فلستين جا پنج سردار؛ يعني غزي ۽ اشدودي، اسقلوني، جاتي، ۽ عقروني؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حام جا پٽ هئا، ڪوش، مصر، فوطہ ۽ ڪنعان.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي.


تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.


۽ وڏن پاڻين تي سيحور جو اَن ۽ نيل نديءَ جو فصل، اُن جي آمدني هئي؛ ۽ هو قومن جي واپار جو هنڌ هو.


۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟


۽ جهڙيءَ طرح ڪفتوريم، جي ڪفتورہ مان آيا هئا، تن عويون کي، جي عزہ تائين ڳوٺن ۾ رهندا هئا، ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.)


انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن.


۽ فلستين جا سردار انهيءَ زال وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تون هن کان ڌتاري پڇ تہ هن کي جو هيترو زور آهي سو ڇا ۾ اٿس، ۽ ڪهڙي طرح اسين هن تي غالب پئون، تہ هن کي ٻڌي ايذاءَ رسايون، ۽ اسان مان هڪڙو هڪڙو توکي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.


تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


تڏهن هنن چيو تہ ڪهڙي ڏوهہ جي قرباني اسين هن کي ڏيون؟ ۽ هنن چيو تہ فلستين جي سردارن جي شمار موجب پنج سونيون ڳوڙهيون، ۽ پنج سونا ڪوئا موڪليو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي آفت اوهان سڀني تي، ۽ اوهانجن سردارن تي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ