24 ۽ موسيٰ جد جي فرقي کي، يعني بني جد کي، سندن قبيلن موجب ورثو ڏنو.
24 اهو علائقو جيڪو موسيٰ جد قبيلي کي سندن گھراڻن موجب ميراث ڪري ڏنو هو سو هي هو:
۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ جا پٽ هئا؛ جد ۽ آشر: يعقوب جا پٽ، جيڪي فدان ارام ۾ پيدا ٿيا، سي اهي هئا.
۽ اهي جلعاد ۾، بسن منجهہ، ۽ انهيءَ جي شهرن ۾، ۽ شارون جي سڀني ٻهراڙيءَ وارن هنڌن منجهہ، سندن سرحدن تائين رهندا هئا.
۽ زبولون جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ جد جو هڪڙو حصو.
۽ بني روبن جي حد يردن ۽ ان جو ڪنارو هئي. اهو هو بني روبن جو ورثو سندن قبيلن موجب، سندن شهرن ۽ ڳوٺن سميت.
۽ انهن جي حد هئي يعزير ۽ جلعاد جا سڀ شهر، ۽ بني عمون جي اڌ زمين، عروعير تائين، جو ربہ جي سامهون آهي.