Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:2 - Sindhi Bible

2 ۽ جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين جون سڀ سرحدون، ۽ سڀ جسوري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين ۽ جسُورين جا سڀ علائقا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فتروسي، ڪسلوحي (جن مان فلستي نڪتا) ۽ ڪفتوري پيدا ٿيا.


هاڻي ابرهام جي ڏينهن ۾ جو پهريون ڏڪار انهيءَ ملڪ ۾ پيو هو، تنهن کان پوءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي پيو. ۽ اسحاق، فلستين جي بادشاهہ ابي ملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ارام ملڪ ۾ جسور منجهہ رهندو هوس، تڏهن تنهنجي ٻانهي هڪڙي مڃتا مڃي هئي، ۽ چيو هئائين تہ جيڪڏهن خداوند مون کي کڻي وري يروشلم ۾ آندو تہ آءٌ خداوند جي عبادت ڪندس.


۽ هن جو ٻيو پٽ ڪلياب هو، جو ابيجيل مان هو، جا اڳي نابال ڪرمليءَ جي زال هئي: ۽ ٽيون ابيسلوم هو، جو معڪہ جو پٽ هو، جا جسور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ هئي:


هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.


سمنڊ جي ڪناري جي رهاڪن، يعني ڪريتين جي قوم لاءِ ويل آهي! اي ڪنعان، فلستين جي زمين، خداوند جو ڪلام اوهان جي برخلاف آهي؛ آءٌ توکي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)


۽ جنهن جي بادشاهي هئي حرمون جبل ۾، ۽ سلڪہ، ۽ سڄي بسن تي، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد ۽ اڌ جلعاد تائين، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي سرحد تي هئي:


۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين


انهي هوندي بہ بني اسرائيل نڪي جسورين کي، نڪي معڪاٿين کي، ڪڍي ڇڏيو: پر اهي جسوري ۽ معڪاٿي، اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل منجهہ رهندا اچن.


هاڻي اُهي قومون هي آهن، جي خداوند ڇڏي ڏنيون، انهي لاءِ تہ انهن جي وسيلي اسرائيل کي آزمائي، يعني انهن سڀني کي، جن کي ڪنعانين جي سڀني جنگين جي خبر نہ هئي؛


پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت مٿي ويو، ۽ جسورين، ۽ جزرين، ۽ عماليقين تي ڪاهہ ڪيائين: ڇالاءِ جو اهي ئي قومون قديم وقت کان وٺي، شور ڏي ويندي مصر جي حد تائين، انهي ملڪ ۾ رهنديون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ