يشوع 12:7 - Sindhi Bible7 ۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 ڪنعان ملڪ جو جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اولهہ طرف لبنان جي ماٿريءَ ۾ بعلجد کان وٺي خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، انهيءَ علائقي جي بادشاهن کي يشوع ۽ بني اسرائيل شڪست ڏني. انهن جا ملڪ يشوع بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |