Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 11:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ کان علاوہ هن اوڀر ۽ اولهہ ۾ رهندڙ ڪنعانين، امورين، حتين، فرزين، يبوسين جيڪي جابلو علائقن ۾ هئا ۽ مصفاہ علائقي ۾ حرمون جبل کان هيٺ رهندڙ حوين کي بہ سڏائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 11:3
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ٿنڀ جو نالو مصفاہ بہ رکيائين، جو هن چيو تہ جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿينداسين، تڏهن خداوند اسان ٻنهي تي نگاهہ رکي.


۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.


۽ صور جي قلعي ۾ ۽ حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا: ۽ هو نڪري يهوداہ جي ڏکڻ ڏي بيرسبع وٽ آيا.


تڏهن بادشاهہ آسا ساري يهوداہ ۾ اشتهار ڪرايو؛ ڪنهن کي بہ ڇڏي نہ ڏنائين: سڀيئي رامہ جا پٿر ۽ ان جو ڪاٺ، جو بعشا ڪم ٿي آندو، سو کڻي ويا؛ ۽ اُنهن سان بادشاهہ آسا بنيمين وارو جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايو.


باقي امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا، جي بني اسرائيل مان نہ هئا:


۽ حرمون جي ماڪ وانگي آهي جا صيون جي جبلن تي ٿي پوي: ڇو جو اتي خداوند برڪت جو يعني هميشہ جي زندگيءَ جو حڪم ڏنو.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار.


باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.


تڏهن يرمياہ جدلياہ بن اخيقام ڏي مصفاہ ۾ ويو، ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيل هئا تن منجهہ رهڻ لڳو.


پوءِ سڀ ماڻهو، جن کي اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ويو هو، سي ور ڏيئي موٽي آيا ۽ يوحنان بن قريحہ وٽ ويا،


اسماعيل انهن سڀني يهودين کي بہ ڪُٺو جي انهيءَ سان، يعني جدلياہ سان مصفاہ ۾ هئا، ۽ انهن ڪسدين کي بہ، يعني جيڪي جنگي مرد اُتي هئا.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري واري عيروعير شهر کان وٺي، صيئون جبل (جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين) انهي تائين پکڙيل آهي؛


جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛


يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.


۽ خداوند انهن کي اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو، جن انهن کي ماري پٺيان پئي وڏي صيدا تائين، ۽ مسرفات المائم تائين، ۽ اُڀرندي ڏي مصفاہ تائين، ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي اهڙو ماري چٽ ڪيائون، جو هڪڙو بہ باقي نہ ڇڏيائون؛


۽ جلعاد ۽ جسورين ۽ معڪاٿين جي سرحد، ۽ سڄو حرمون جبل، ۽ سڄو بسن سلڪہ تائين


۽ جبلين جو ملڪ، ۽ سارو لبنان، اُڀرندي ڏي، حرمون جبل جي هيٺان بعل جد کان وٺي حماٿ ۽ انهي جي گهڙڻ تائين:


۽ دلعان، ۽ مصفاہ، ۽ يقٿي ايل؛


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


۽ مصفاہ، ۽ ڪفيرہ، ۽ موضہ؛


۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


۽ بني اسرائيل چيو تہ اسرائيل جي سڀني فرقن مان اُهو ڪير آهي جو خداوند جي جماعت ۾ نہ آيو آهي؟ ڇالاءِ جو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ نہ اچڻ واري جي نسبت ۾ هنن وڏو قسم کنيو هو، ۽ چيو هئائون تہ اهڙو ماڻهو ضرور قتل ڪيو وڃي.


تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


۽ بني اسرائيل ڪنعانين منجهہ، ۽ حتين، ۽ امورين، ۽ فرزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين منجهہ رهندا آيا؛


پوءِ سموئيل قوم کي مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏي گڏ ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ