Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 11:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتر پاسي جابلو علائقن وارا بادشاهہ، گليل ڍنڍ جي ڏکڻ واري اردن ماٿريءَ ۽ هيٺاهين زمينن وارا بادشاهہ ۽ اولهہ ڏانهن ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري تي دور شهر جي آس‌پاس وارا بادشاهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 11:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بن هدد بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ عيون، ۽ دان، ۽ ابيل بيت معڪہ، ۽ سڄي ڪنرت کي، نفتاليءَ جي ساري ملڪ سميت ماريائين.


بن ابينداب، دور جي ساري مٿانهين ملڪ ۾؛ سليمان جي ڌيءَ طافت انهيءَ جي زال هئي:


۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:


انهن ڏينهن ۾ مريم جلدي ڪري جابلو ملڪ ڏانهن، يهوديہ جي هڪڙي شهر ۾ ويئي؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، ۽ خدا جو ڪلام پئي ٻُڌائون، تڏهن هو گنيسرت واري ڍنڍ وٽ بيٺو هو،


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.


انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛


۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.


دور جي چوٽيءَ تي دور جو بادشاهہ، هڪڙو؛ جلجال جي قومن جو بادشاهہ، هڪڙو؛


۽ ميدان کان وٺي اُڀرندي ڏي ڪنرٿ جي سمنڊ تائين، ۽ ميدان جي سمنڊ ڏي يعني اُڀرندي واري کاري سمنڊ تائين، جو بيت يسيموٿ ڏي وڃڻ جو رستو آهي، ۽ پسگہ جي لاهيءَ هيٺان ڏکڻ تائين هئي:


۽ واديءَ ۾ بيت هارم ۽ بيت نمرہ، ۽ سڪاٿ ۽ صفون، ۽ حسبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت، يردن جي ڪناري تائين، ۽ ڪنرٿ جي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تائين، جو يردن جي هن ڀر اُڀرندي ڏي آهي.


۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.


۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ