18 يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي.
يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.
هڪڙو بہ شهر نہ هو جنهن بني اسرائيل سان صلح ڪيو، سواءِ حوين جي، جي جبعون ۾ رهندا هئا: ٻيا سڀ هنن جنگ ۾ ورتا.
انهي طرح جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، ان موجب يشوع سڄو ملڪ هٿ ڪيو؛ ۽ يشوع اُهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن ۽ فرقن موجب، ورثي طور ڏيئي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.