Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 11:17 - Sindhi Bible

17 يعني خلق جبل، جو سعير ڏانهن آهي، تنهن کان وٺي، حرمون جبل هيٺان، لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد تائين: ۽ هن انهن جا سڀ بادشاهہ ماري چٽ ڪري ڇڏيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17-18 خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن وڌي ٿو، تنهن کان وٺي بعل‌جد تائين جيڪو اتر ۾ لبنان جي ماٿريءَ ۾ حرمون جبل هيٺان آهي. يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گھڻي وقت تائين جنگ ڪئي ۽ کين پڪڙي ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 11:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.


اُتر ۽ ڏکڻ تو پيدا ڪيا آهن: تبور ۽ حرمون تنهنجي نالي ڪري خوش ٿا ٿين.


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


پوءِ اسين ڦيرو کائي، ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو: ۽ ڪيترائي ڏينهن شعير جبل جي آس پاس پئي گهمياسين.


(انهي حرمون جبل کي صيداني سريون، ۽ اموري سنير، ڪري سڏيندا آهن).


هن چيو تہ، خداوند سينا مان آيو ۽ شعير مان انهن تي ظاهر ٿيو؛ هو فاران جبل مان چمڪيو ۽ لکن پاڪ ماڻهن منجهان آيو: هن جي ساڄي هٿ ۾ انهن جي لاءِ باهہ جهڙي شريعت هئي.


۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.


بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي.


يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گهڻي وقت تائين جنگ پئي ڪئي.


۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.


۽ جبلين جو ملڪ، ۽ سارو لبنان، اُڀرندي ڏي، حرمون جبل جي هيٺان بعل جد کان وٺي حماٿ ۽ انهي جي گهڙڻ تائين:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ