Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 11:16 - Sindhi Bible

16 انهي طرح يشوع اُهو سڄو ملڪ ورتو، يعني ڪوهستان ۽ سڄو ڏکڻ وارو ملڪ، ۽ جشن جو ملڪ، ۽ وادي، ۽ ميدان، ۽ اسرائيل وارو جابلو ملڪ، ۽ انهي جي وادي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 سو يشوع هي سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو: جابلو علائقو، سڄو ڏاکڻو علائقو، جشن جو سڄو علائقو، هيٺاهين زمين وارو علائقو، اردن ماٿريءَ وارو علائقو، اسرائيل جو جابلو علائقو هيٺاهين زمين سميت،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 11:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي قومن جا ملڪ ڏنا؛ ۽ هنن قومن جي ڪمائيءَ تي قبضو ڪيو.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


انهي طرح يشوع ڪوهستان جي، ۽ ڏکڻ جي، ۽ واديءَ جي، ۽ سلاميءَ جي ساري ملڪ کي، ۽ انهن جي بادشاهن کي، چٽ ڪري ڇڏيو؛ هن ڪوبہ ڪونہ ڇڏيو: بلڪ جيڪي بہ ساهوارا اُتي هئا تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن ڪ خداوند اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


۽ يشوع انهن کي قادس برنيع کان وٺي غزہ تائين، ۽ جشن جي ساري ملڪ کان جبعون تائين، ماري کپائي ڇڏيو.


جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.


۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ڪوهستان جي اُتر ڏي، ۽ ڪنرٿ جي ڏکڻ وارن ميدانن ۾، ۽ واديءَ ۾، ۽ اُلهندي ڏي دور جي چوٽين تي هئا،


۽ انهي وقت يشوع آيو ۽ عناقيم کي ڪوهستان مان، ۽ حبرون مان، ۽ دبير مان، ۽ عناب مان، ۽ يهوداہ جي ۽ اسرائيل جي جابلو ملڪ مان، ناس ڪري ڇڏيو: يشوع انهن سڀني کي سندن شهرن سميت صفا ناس ڪري ڇڏيو.


يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:


۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي بادشاهہ يردن جي اُلهندي ڀر، ٽڪرين ۾ ۽ وادين ۾، وڏي سمنڊ جي ڪنارن تي لبنان جي سامهون، يعني حتي ۽ اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي هئا، تن جڏهن اها خبر ٻڌي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ